'سليم ڀٽو' جون تصويرون
 سليم ڀٽو جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو ’لطيفي‘: مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگريزي .....


مولا بخش ڀٽو

مولا بخش ڀٽو : صحافي ۽ سماجي اڳواڻ مولا بخش ڀٽو 4 نومبر 1948ع تي ڳوٺ باغ ڀٽو تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. پيپلز پارٽيءَ جي شاگرد ونگ جو ڪارڪن رهيو. قومي مسئلن تي سرگرم رهيو. لسٽون سنڌي ۾ ٺاهيو تحريڪ، بهاري نه کپن تحريڪ وغيره ۾ ڀرپور حصو ورتائين. بعد ۾ سکر ۾ اچي آباد ٿيو، جتي صحافت ۾ پاڻ مڃايائين. هڪ رسالو.....


حميد ڀٽو

حميد ڀٽو: هدايتڪار، ڪمپيئر ۽ ليکڪ حميد ڀٽو، ولد عبدالمجيد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد گرئجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. کيس لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي هئي، ڇهين جما.....


شاهد ڀٽو

شاهد ڀٽو (موسيقار): شاهد احمد ولد لعل محمد ڀٽو، 20 جنوري 1958ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ شڪارپور مان، انٽر 1976ع ۾ سکر مان، ايم. اي (ايڪنامڪس) سنڌ يونورسٽيءَ مان ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ سان چاهه هئس، تنهنڪري احمد بخش مسرور بدويءَ کان موسيقيءَ جي ڪجهه سکيا ورتائين. 81/1980ع دوران ڪراچيء.....


شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن

شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن: هي ادارو سنڌ جي آبادگارن کي مختلف فصلن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ زراعت جي ترقي لاءِ شهر سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد ۾ قائم آهي. اداري جي آفيس سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ جي احاطي ۾ آهي. ادارو 2009ع ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان قائم ٿيو. هن اداري پاران ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪيل.....


شهيد بينظير ڀٽو لائبرري جيڪب آباد

شهيد بينظير ڀٽو لائبرري جيڪب آباد: شهيد بينظير ڀٽو جي نالي پويان جيڪب آباد جي ضلعي حڪومت، 5 سيپٽمبر 2009ع تي هيءَ لائبرري قائم ڪئي. لائبرريءَ جي بنياد رکڻ ۽ ان ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ خاص طور تي مير اعجاز حسين جکراڻي، ان وقت جي ڊي سي او ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون خدمتون.....


شهيد بينظير ڀٽو ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري

شهيد بينظير ڀٽو ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري: شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم هي ميوزيم ۽ آرٽ گئلري، نوابشاهه ۾ سڪرنڊ روڊ تي ايم. ايڇ خواجا آڊيٽوريم ۾ قائم آهي. هن ميوزيم اينڊ آرٽ گئلري جو افتتاح 20 آڪٽوبر 2010ع تي فريال ٽالپر ڪيو. ان جي اڳيان تعمير ٿيل پارڪ 22700 چورس فوٽن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. عمارت.....


شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ: هيءَ يونيورسٽي جانورن جي پالنا، انهن جي علاج ۽ ساڻن لاڳاپيل مختلف علمن بابت اعليٰ تعليم ڏيڻ لاءِ 2012ع ۾ سڪرنڊ، ضلعي بينظير آباد ۾ قائم ڪئي وئي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏيل تربيت ڏني ويندي آهي. يونيورسٽيءَ جي لاءِ عمارت نه هج.....


شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نوابشاهه: هيءَ يونيورسٽي خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي همت افزائي لاءِ 2012ع ۾ نوابشاهه شهر، شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ قائم ڪئي وئي آهي. يونيورسٽيءَ پاران ابتدائي طور 3 پروگرام بيچلر آف ايڊيوڪيشن (آنرس)، بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ بي. ايس (انگ.....


اويس ڀٽو

اويس ڀٽو: ناليواري اديب شاعر، تعليمدان اويس ڀٽي جو پورو نالو اويس احمد ڀٽو ولد ارشاد احمد ڀٽو آهي. سندس جنم 23 جنوري 1988ع تي ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان 1999ع ۾، مئٽرڪ 2004ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور مان، انٽر ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل .....


سليم سهتو پروفيسر

سليم سهتو، پروفيسر: پروفيسر سليم سهتو ولد محمد صفر سهتو، 13 جولاءِ 1954ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پهرئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين تعليم سنڌ جي مشهور تعليمي اداري اين. جي. وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڊي. جي سائنس ڪاليج مان انٽر سائنس، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌي مضمون ۾ ڪراچي ي.....


 پوئتي   3   4   5   6  7  8   اڳتي